سنڌ

September 26, 2022 3:35 pm

سمورن متاثرن کي خيما نه ڏئي سگهيا آهيون،صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سمورن متاثرن کي خيما نه ڏئي سگهيا آهيون، عالمي برادري کي خيما ڏيڻ لاءِ چيو آهي، هن وقت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڏو مسئلو بيمارين جو آهي، عمران خان اقتدار کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ عقل کان به فارغ ٿي ويو آهي، سنڌ سميت سڄو ملڪ ٻڏل آهي ۽ عمران خان اليڪشن جي ڳالھه ڪري رهيو آهي، عمران خان جي احتجاج جي ڪال مس ڪال هوندي، هي وقت احتجاج نه پر متاثرن لاءِ ڪم ڪرڻ جو آهي، مراد علي شاهه قابل آهي، وڏو وزير اهو ئي رهندو، آئون سندس ماتحت طور ڪم ڪري رهيو آهيان.

سکر ۾ روڊ جي مرمتي ڪم جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته  سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڏو مسئلو بيمارين جو آهي.

ناصر حسين شاهه چيو ته سمورن متاثرن کي خيما نه ڏئي سگهيا آهيون، عالمي برادري کي خيما ڏيڻ لاءِ چيو آهي.

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته مراد علي شاهه قابل آهي، وڏو وزير اهو ئي رهندو، آئون سندس ماتحت طور ڪم ڪري رهيو آهيان.

وڌيڪ پڙهو: