اهم خبرون

September 26, 2022 4:07 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي ڪي اليڪٽرڪ بلن ذريعي ٽيڪس جي اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي ڪي اليڪٽرڪ بلن ذريعي ٽيڪس جي اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو، جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي کي اهڙي ريت پئسا ڏنا پيا وڃن، جيئن خيرات ڏني ويندي آهي، روڊ ٽٽل ۽ سيوريج تباهه ۽ اسٽريٽ لائيٽس بند آهن، ڦرن جا واقعا وڌن پيا، عدالت کي مطمئن ڪريو ته پوءِ ٽيڪس بحال ڪنداسين.

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ۾ ڪي ايم سي کي ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙيءَ کي روڪڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هي ٽيڪس 50 رپين کان شروع ٿي رهيو آهي، هاڻي 200 رپيا آهي، عدالت کي استدعا آهي ته ڪي ايم سي ٽيڪس جي اوڳاڙي نه روڪي وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته جهڙي ريت اوڳاڙي ڪرڻي آهي ڪيو، ڪي اليڪٽرڪ ذريعي نه ڪيو، ڪي اليڪٽرڪ تي ماڻهو اڳ ئي ڪاوڙيل آهن.

ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جو ڪم شهر ۾ ڪم ڪرڻ آهي، پارڪ ٺاهڻا آهن، اوڳاڙي لاءِ رڳو ڪي اليڪٽرڪ بچيو آهي؟ پنهنجي سيل ذريعي وصولي ڪيو، اسان اوڳاڙي جي ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي نه ٿي سگهياسين.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ٽيڪس اڳ ۾ ڪنهن ٻي جي کيسي ۾ وڃي رهيو هو، هاڻي ڪي ايم سي وٺندو، جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي کي اهڙي ريت پئسا ڏنا پيا وڃن، جيئن خيرات ڏني ويندي هجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين بلز ۾ ٽيڪس جي اوڳاڙي کان روڪيندي چيو آهي ته پهريان مطمئن ڪريون ته پوءِ بلز بحال ڪنداسين.

 

وڌيڪ پڙهو: