ڊکڻ ويجهو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرمگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس مقتول جو لاش 7 زخمي کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو.
ڳوٺ علي خان ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سکاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر فائرنگ ڪري ڏني ، جنهن جي نتيجي ۾ مير چانڊيو مارجي ويو ۽ زال بهاران خاتون ۽ ڀاءُ غلام شبير زخمي ٿي پيا.
ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول مير خان جو لاس ۽ زخمين کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو .