سنڌ

September 26, 2022 2:57 pm

ٺٽو: پوليس ڪارروائي،واپاري جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار

ٺٽو  ۾ 2 مهينا اڳ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان واپاري قتل ٿيڻ وارو ڪيس ۾ پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس  مقتول واپاري شهزاد پٺاڻ جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار صغير همبي کي گرفتار ڪر ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جو تعلق پنجاب جي شهر راجنپور سان آهي، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي،وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار  پنهنجي ٽن ساٿين رشيد،ملا ۽ لاشاري  سان گڏجي شاهجهان مسجد ڀرسان نوجوان واپاري کي ڦر دوران مزاحمت  تي قتل ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: