پاڪستان

September 26, 2022 2:44 pm

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات کي آئس بريڪنگ قرار

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات کي آئس بريڪنگ قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا سان مستقبل ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، آسان شرطن تي قرض حاصل ڪرڻ لاءِ وڏن ملڪن سان رابطو ڪنداسين.

نيويارڪ ۾ موجود پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪمرشل ۽ ڪاروبار بابت آمريڪي نمائندي دلاور سيد ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ جي قدمن ۽ آمريڪي مدد سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

بلاول ڀٽو ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي فراهم ڪيل معاونت جي به واکاڻ ڪئي.

پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته دنيا جي ايڪشن سبب مسئلو ٿيو، عالمي برادري کي هڪ ٿي مدد ڪرڻي پوندي،  قرض ادا ڪري سگهون ٿا پر بهتر آهي ته اها رقم ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪريون.

وڌيڪ پڙهو: