ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش رتوديرو جو رپورٽر نياز ابڙو 65 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نياز ابڙو کي دل جو دورو پوڻ سبب مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪي ٽي اين سٿ نياز ابڙو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش رتوديرو جو رپورٽر نياز ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو، نياز ابڙو کي دل جو دورو پوڻ سبب رتوديرو جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
مرحوم جي تدفين اڄ رات سندس اباڻي ڳوٺ طيب جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.
نياز ابڙو سڄي ڄمار ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز سان سلهاڙيل رهيو، ڪي ٽي اين سٿ پنهنجي هڪ ساٿي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي .