پاڪستان

September 26, 2022 2:39 pm

مسلم ليگ ن جو اڳواڻ اسحاق ڊار 5 سال بعد وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ ڏيهه روانو ٿي ويو

مسلم ليگ ن جو اڳواڻ اسحاق ڊار 5 سال بعد وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ ڏيهه روانو ٿي ويو، سڀاڻي حلف کڻي ناڻي واري وزارت جو قلمدان سنڀاليندو.

گذريل ڏينهن ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جي اجلاس دوران ناڻي وارو قلمدان اسحاق ڊار کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ پارٽي جي اهم گڏجاڻين کانپوءِ اڄ واپس ڏيهه روانو ٿي ويو آهي، اسحاق ڊار به پنج سال کانپوءِ ساڻس گڏ موٽي رهيو آهي.

اسحاق ڊار سڀاڻي سينيٽر ۽ وفاقي وزير طور حلف کڻندو، جنهن بعد ناڻي واري وزارت جو قلمدان سنڀاليندو.

وڌيڪ پڙهو: