بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب گذريل رات بلوچستان جي هرنائيءَ واري علائقي ۾ پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر فلائنگ مشن دوران ڪري تباهه ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب حادثي جي نتيجي ۾ ٻن پائليٽس سوڌو هيلي ڪاپٽر ۾ سوار پاڪ فوج جا 6 ئي جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ پائليٽ ميجر محمد منيب افضل، پائلٽ ميجر خرم شهزاد شامل، نائيڪ جليل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب به شهيد اهلڪارن ۾ شامل آهن.