سنڌ جي سڌ سماءَ جي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي پنج ضلعن ۾ قائم 32 رليف ڪيمپن ۾ 16 هزار 104 متاثر موجود آهن، متاثرن کي تيار ٿيل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي انهن جي گهرن ۾ رهائش فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي،حڪومت متاثرن کي گهرن جي نئين سر اڏاوت ۾ مدد فراهم ڪندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اوڀر ضلعي ۾ قائم 15 ڪيمپن ۾ 8 هزار 476 متاثرن کي رکيو ويو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته اولهه ضلعي ۾ قائم 6 ڪيمپن ۾ 3 هزار 812 ٻوڏ متاثر ترسيل آهن،ڪورنگي ضلعي ۾ هڪ ڪيمپ ۾ 408 متاثرن کي رکيو ويو آهي.
صوبائي وزير چيو ته ملير ضلعي جي 9 رليف ڪيمپن ۾ 3 هزار 288ٻوڏ متاثر موجود آهن،ڪياماڙي ۾ هڪ رليف ڪيمپ ۾ 120 ٻوڏ متاثرن کي رکيو ويو آهي.