پاڪستان

September 25, 2022 2:53 pm

ٻوڏ صورتحال ۾ عالمي اڳواڻن مدد جي خاطري ڪرائي آهي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ صورتحال ۾ عالمي اڳواڻن مدد جي خاطري ڪرائي آهي، عالمي برادري ۽ قومي ادارن جي ڪوششن سان ڏکي وقت مان نڪري اينداسين.

وزيراعظم شهباز شريف لنڊن مان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن بابت وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي.

ايف آر سي سي عملدارن پاران متاثر علائقن ۾ بحاليءَ جي ڪمن  بابت  وزيراعظم کي  بريفنگ ڏني وئي.

وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ سبب تباهي ۽ بحاليءَ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.

هن چيو ته بل گيٽس سان ٻوڏ سٽيل علائقن جي ٻارڙن جي خوراڪ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.

شهبازشريف چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، عالمي برادري ۽ ملڪي ادارن جي سهڪار سان هن مشڪل گهڙيءَ مان ٻاهر نڪري اينداسين.

وڌيڪ پڙهو: