اهم خبرون

پاڪستان

September 25, 2022 2:10 pm

ن ليگ اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جي ملاقات جو آڊيو ليڪ

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ن ليگ اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جي اجلاس جي آڊيو ليڪ ٿي وئي،آڊيو ۾ وزير اعظم شهباز شريف ، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، بچاءُ جي وزير خواجا آصف ۽ اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جا آواز آهن.

ليڪ ٿيل آڊيو ۾ مبينا طور تي ن ليگي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير پي ٽي آءِ جي استعيفائن  بابت ڳالهائي رهيا آهن.

مبينا آڊيو ليڪ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري تي وفاقي وزير ڳالهائي رهيا آهن.

آڊيو ليڪ ۾ استعيفائن جي منظوري جي لاءِ  لنڊن مان اجازت  وٺڻ جو به ذڪر ٿي رهيو آهي.

وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ  سان وزيراعظم جي سيڪورٽي تي سوال اٿاريا پيا وڃن.

ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم هائوس ايترو غير محفوظ آهي جو اتي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪٿي ٻڌي سگهجي ٿي.

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته حڪومت ڳجهي ريڪارڊنگ سسٽم کان اڻ ڄاڻ آهي،جنهن ڪري سلامتي جي حوالي سان سوال اٿڻ لڳا آهن.

وڌيڪ پڙهو: