رانديون

September 25, 2022 2:06 pm

پاڪ انگلينڊ سيريز جي چوٿين ٽي ٽوئنٽي اڄ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ چوٿين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

قومي ٽيم جي مليل پرفارمنس باوجود تماشائي سيريز ۾ وڏي دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن ۽ ميچ جون ٽڪيٽون به اڻلڀ ٿي ويون آهن.

ٽئين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 63 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

پاڪ انگلينڊ ٽي 20 سيريز جون آخري 3 ميچون اربع کان لاهور ۾ کيڏيون وينديون.

وڌيڪ پڙهو: