بين الاقوامي

دنيا

September 25, 2022 2:04 pm

اتر ڪوريا ٻيهر بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري ڇڏيو: ڏکڻ ڪوريا

ڏکڻ ڪوريا جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اتر ڪوريا اوڀر سمنڊ ۾ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل مشقن لاءِ ايٽمي صلاحيت رکندڙ آمريڪي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر بيٽ خطي ۾ پهچي ويو آهي.

واضح رهي ته گڏيل قومن اتر ڪوريا تي بيلسٽڪ ۽ ايٽمي هٿيارن جي تجربن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

اتر ڪوريا کي آخري ڀيرو اهڙو تجربو ڪرڻ تي سخت پابندين کي منهن ڏيڻو پيو.

وڌيڪ پڙهو: