سنڌ

September 25, 2022 1:45 pm

جيڪب آباد ۾ ٻوڏ متاثر عورت جا ٻه جاڙا ٻارڙا فوت

سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ ٻوڏ سبب متاثر عورت جا ٻه جاڙا ٻارڙا فوت ٿي ويا.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙا ڪالهه سول اسپتال ۾ پيدا ٿيا، جن کي ڪيمپ منتقل ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ هو ته ٻئي ٻارڙا ڪيمپ منتقل ڪرڻ بعد علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويا.

جيڪب آباد سول اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ ٻئي ٻارڙا صحتياب ٿي رهيا آهن، ٻارڙن کي ڪيمپ منتقل ڪرڻ بعد اسپتال نه آندو ويو.

وڌيڪ پڙهو: