ڪاروبار

September 24, 2022 6:14 pm

سون جي قيمت ۾ هزارين رپين جي گهٽتائي

ڪراچي: عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ ٻن ڊالرن جي گهٽتائي سان 1642 ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ سون جي في تولو ۽ 10 گرام جي قيمت ۾ بالترتيب 3750 رپيا ۽ 3216 رپيا گهٽتائي ٿي آهي.

جنهن سبب ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه گهٽجي ويو آهي.

ان جي برعڪس چاندي جو في تولو اگهه 1570 رپيا ۽ چاندي جي 10 گرام جو اگهه 1346.02 رپيا تي برقرار رهيو.

وڌيڪ پڙهو: