اهم خبرون

پاڪستان

September 24, 2022 6:08 pm

عمران خان جي اسيمبلي ۾ واپسي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپسي لاءِ آمريڪي سائفر جي جاچ ڪرائڻ جو شرط رکي ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته آمريڪي سائفر جي جاچ ڪرائي وڃي ته قومي اسيمبلي ۾ واپس اچي سگهون ٿا.

بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي، جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هئا، خبر ناهي ته ڪڏهن خراب ٿيا، اسٽيبلشمينٽ سان سٺن لاڳاپن جي اپوزيشن کان وڌيڪ حڪومت کي ضرورت هوندي آهي، سمورا اختيار اسٽيبلشمينٽ وٽ هوندا آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪجهه مهينن ۾ هنن چورن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شهباز شريف ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت معيشت کي اهڙي موڙ تي آندو  آهي جنهن کي هاڻي دوا بدران سرجري جي ضرورت آهي، مفتاح اسپرين سان ڪينسر جو علاج ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ترجيح معيشت نه پر ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت يارهن سئو  ارب رپين جا نيب جا ڪيس بند ڪري ڇڏيا آهن، اسحاق ڊار نيب ڪيس ختم ٿيڻ سان ئي وطن واپس اچڻ لاءِ تيار آهي، ڊار کانپوءِ نواز شريف به وطن واپس اچڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ٻيهر حڪومت ملي ته ماضي جون غلطيون نه ورجائينداسين، تحريڪ انصاف پهريون ڀيرو حڪومت ۾ آئي هئي جنهن ڪري غلطيون ٿيون، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبا ٺاهي رهيا آهيون.

هن چيو ته خطي ۾ سڀني سان قومي مفاد تحت لاڳاپا چاهيون ٿا، نئين دهلي جي بالادستي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ واري پرڏيهي پاليسي جي خلاف آهيان، مودي پاڪستان کي ٽوڙڻ جو ارادو رکي ٿو، آمريڪا سان لاڳاپا قومي مفاد تحت چاهيان ٿو.

وڌيڪ پڙهو: