اهم خبرون

پاڪستان

September 24, 2022 4:19 pm

عمران خان آءِ ايم ايف سان ٺاهه جو ڀرم نه رکيو:راڻا ثناءُ الله

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي نه ئي ڪا مقبوليت آهي، نڪي بيانيو ڪامياب ناهي، 2023 اليڪشن جو سال آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان ٺاهه جو ڀرم نه رکيو.

هن چيو ته شوڪٽ ترين چاهيو پئي ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه نه ٿئي، جيڪا افسوس ناڪ ڳالهه آهي.

هن چيو ته سموري صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جو ڪردار  انتهائي بدترين آهي،ڇون ٿا ته اسلام آباد تي چڙهائي ڪنداسين، ڇا اسان انهن اڳيان ليٽي پونداسين؟.

راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ ۽ ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي، ڇا ملڪ کي بنانا اسٽيٽ طور ڏيکارڻ چاهين ٿا؟.

هن چيو ته عمران خان پهريان ئي پاڻ چئي چڪو آهي ته 25 مئي تي هن جي ماڻهن وٽ هٿيار هئا،جيڪڏهن ماڻهن وٽ هٿيار هوندا ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي استعمال ڪنداسين.

جيڪڏهن هو بي هٿيار هوندا ۽ احتجاج ڪندا ته اسان کين سيڪورٽي فراهم ڪنداسين.جيڪڏهن هٿياربند ريڊ زون ڏانهن وڌيا ته انهن کي روڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: