رانديون

September 24, 2022 3:53 pm

پاڪستان هاڪي فيڊريشن رانديگرن جا سمورا واجبات ادا ڪري ڇڏيا

پاڪستان هاڪي فيڊريشن قومي رانديگرن جا سمورا واجبات ادا ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون.

پاڪستان هاڪي ٽيم جي رانديگرن ۾ ان وقت خوشي جي لهر پکڙجي وئي جڏهن پي ايڇ ايف رانديگرن جا سمورا بقايا ادا ڪري ڇڏيا، هاڪي فيڊريشن 5 مهينن کان وڌيڪ دير جو شڪار 30 کان وڌيڪ رانديگرن جا روزاني الائونس جاري ڪري ڇڏيا. اٽڪل ڏيڍ لک رپيا.

ان حوالي سان صدر پي ايڇ ايف خالد سجاد کوکر چيو ته رانديگر ملڪ جا هيرو ۽ اسان جي عزت آهن، رانديگرن کي پگهارون نه ملڻ تي سڀ کان وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي.

پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري جنرل حيدر حسين چيو ته پهرين ترجيح رانديگرن کي سندن حق ڏيارڻ هو، هن واعدو ڪيو ته ڪيمپ کان اڳ رقم ادا ڪئي ويندي.

واضح رهي ته اذلان شاهه هاڪي ڪپ جي تيارين لاءِ پاڪستاني ٽيم جو ٽريننگ ڪيمپ سڀاڻي ڪراچي ۾ شروع ٿيندو.

وڌيڪ پڙهو: