سنڌ

September 24, 2022 3:15 pm

ٻوڏ متاثرن جا واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جا واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

سانگهِڙ ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو پاڻي نيڪال ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڀرياروڊ ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو،.

وارهه ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ عوامي تحريڪ جو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ڳڙهي خيرو  ۾ برسات متاثرن جي سھائتا نه ٿيڻ ۽ شھر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف جسقم  جو چوٿين ڏينھن  به احتجاجي مظاهرو ڪيو .چ

، ڄام صاحب،ميرو خان  ۽ ڦلجي اسٽيشن ۾ به پاڻي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته انتظاميه پاڻي نيڪال ڪرڻ سميت ڪا به واهر نه ڪئي آهي،پاڻي نيڪال ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪري پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: