پاڪستان

September 24, 2022 3:06 pm

جسٽس (ر) اعجاز جي پٽ سان زميني تڪرار تان جهيڙو، ڪيپٽن صفدر جا 5 ساٿي گرفتار

ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر اعواڻ ۽ جسٽس رٽائرڊ اعجاز افضل جي پٽ سيف اعجاز ۾ زمين جي تڪرار تي ٻڌڻي دوران ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

ڊسٽرڪٽ ڪورٽ مانسهره ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفد اعواڻ ۽ جسٽس رٽائرڊ اعجاز افضل جي پٽ سيف اعجاز ۾ زميني تڪرار جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس (ر) اعجاز افضل جي پٽ سيف الله جج کي شڪايت ڪئي ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي حمايتين کيس هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ٻنهي وچ ۾ بار بار جهيڙو ٿيو، جنهن بعد معاملو ڇڪتاڻ ۽ پوءِ جهيڙي تائين پهتو.

جج عدالت جي احاطي ۾ هڙتال ڪرڻ تي پوليس کي طلب ڪري ورتو، پوليس ڪيپٽن (ر) صفدر جي 5 ساٿين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

ايڊيشنل سيشن جج مانسهره پوليس کي هدايت ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: