سنڌ

September 24, 2022 2:44 pm

خيرپور نوجوان جي تذليل

خيرپور ڀرسان متائي ڳوٺ ۾  بااثر جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان سجاد دايو جون مڇون، ڀرون ۽ وار  ڪوڙي ويھڪ واري جاءِ ۾ مرچ وجهي سندس تذليل ڪئي، پوليس يرغمال بڻايل نوجوان کي بازياب ڪرائي 5 جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي.

متائي ڳوٺ ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان سجاد دايو کي يرغمال بڻائي ، مڇون، ڀرون ۽ وار ڪوڙي منهن ڪارو ڪري تذليل جو نشانو بڻايو.

پوليس ڳوٺ تي ڇاپو هڻي نوجوان کي بازياب ڪرائي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو .

وڌيڪ پڙهو: