پاڪستان

September 24, 2022 1:35 pm

پاڪستان هن وقت انتهائي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي،اسد عمر

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان هن وقت انتهائي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، امپورٽيڊ وزير اعظم کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس  ڇو ڪرسي تي ويهاريو ويو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته امپورٽيڊ حڪمران مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آيا هئا،پر هو مهانگائي جي رفتار کي 45 سيڪڙي تائين کڻي ويا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ  چيو ته ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن، بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ڏوهه به وڌي رهيا آهن.

هن چيو ته حڪومت جو ڌيان رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ طرف آهي،عمران خان جي سڏ تي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاج جي ڪال ڏني وئي آهي،عوام جي صبر جو پيمانو ڇلڪي چڪو آهي.

هن چيو ته هي نٿو ٿي سگهي ته توهان جا ڪيس ختم ٿيندا وڃن ۽ مهانگائي وڌندي رهي.

وڌيڪ پڙهو: