سنڌ جي سڌ سماءَ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ انساني الميو سامهون اچي رهيو آهي،ٻوڏ متاثرن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سموريون اين جي اوز، سرندي وارا، فلاحي تنظيمون ۽ رضاڪارن کي اپيل آهي ته اهي پي ڊي ايم اي سان رابطو ڪن.
هن چيو ته ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي نمبر 1736 ۽ موبائل فون نمبرز 03332497362 ۽ 03335557362 تي رابطو ڪيو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته امدادي ڪارروائيون هڪ علائقي تائين محدود ڪرڻ بدران ڏوراهن علائقن ۾ امداد کي يقيني بڻايون وڃن، ته جيئن ڪوبه امداد کان محروم نه رهي.
صوبائي وزير چيو ته بيشڪ سرندي وارا ۽ فلاحي ادارا پنهنجي اطمينان ۽ پنهنجي طريقي سان متاثرن جي مدد ڪن.
هن چيو ته ايمرجنسي آپريشن سينٽر، فلاحي تنظيمن ۽ سرندي وارن جو رابطو ضلعي انتظاميا سان يقيني بڻايو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاڳاتار گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي،جڏهن ته ٻوڏ ۾ 745 قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن،8 هزار 422 متاثر زخمي ٿيا آهن.