ميهڙ ۾ بندن، سم شاخن ۽ واهن کي لڳل گهارا بند نه ٿيا،جڏهن ته متاثرن لاءِ صحت جا انتظام به اڻلڀ ٿي ويا آهن،
ايف پي بند، سپريو بند، سم شاخن ۽ واهن کي لڳل گهارا بند نه ٿيڻ سبب سوين علائقن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي بيٺل آهي،کاڌ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ متاثر گيسٽرو، مليريا ۽ ڊائريا سميت ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا،محتسب اعليٰ جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڳوٺ عيسيٰ خان ٿيٻو بنيادي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽر مقرر.