عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.
واپارين جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن.
ان موقعي تي واپارين ميڊيا آڏو دانهيو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ هر روز بدامني ٿي رهي آهي،جنهن سبب رهواسين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي.
واپارين مطالبو ڪيو ته پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، ايس ايس پي عمرڪوٽ کي بدلي ڪري ٻيو آفيسر مقرر ڪيو وڃي.