ناظم جوکيو قتل ڪيس اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي،ناظم جوکيو جي گهرواريءَ ۽ وارثن عدالت ۾ حلف نامون جمع ڪرائي ڇڏيو.
وارثن جو چوڻ هو ته جوابدارن سان ٺاهه ٿي ويو آهي، ڪيس ختم ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض ناهي.
عدالت نادرا، مختيار ڪار ۽ ٻين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت ڄاڻايو ته ناظم جوکيو جي قانون وارثن بابت نادرا ۽ مختيار ڪار لاڳاپيل رپورٽ جمع ڪرائين.
حلف نامو ناظم جوکيو جي والدهه، بيواهه ۽ ٻارن پاران جمع ڪرايو ويو آهي.
عدالت قانوني وارثن بابت اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.
ملير جي مقامي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..
واضح رهي ته ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ڄام اويس سميت ڇهه جوابدار گرفتار آهن، جوابدارن تي اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو.