نوابشاهه ۾ شاگردياڻي پروين رند کي مبينا طور حراسان ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ مک جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پروين رند کي مبيناطور جنسي حراسان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ڪيس جي مک جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي .
عدالت پروين رند جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب وڌيڪ ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.