اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مفتاح اسماعيل ۽ اسحاق ڊار گڏجي يا وڙهي به معاشي حالتن کي ٺيڪ ڪري نٿا سگهن،گوليون ۽ ڊرون عوام جو رستو روڪي نٿا سگهن،اسلام آباد تي چڙهائي نه پر انصاف لاءِ اچون پيا.
سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي شيخ رشيد چيو ته سول آرمڊ فورسز کي اپيل آهي ته اهي سرڪاري عمارتن تائين ئي محدود رهن.
مفتاح اور اسحاق ڈار ملکر یا لڑکر بھی معاشی حالات ٹھیک نہیں کر سکتے۔گولیاں اور ڈرون عوام کا راستہ نہیں روک سکتیں۔اسلام آباد پر چڑہائی نہیں دادرسی کے لیے آرہے ہیں۔ سول آرمڈ فورسز سے اپیل ہے کہ وہ سرکاری عمارتوں تک ہی محدود رہیں۔ دنیا میں پیٹرول سستا اور پاکستان میں مہنگا ہو رہا ہے۔
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) September 24, 2022
هن چيو ته دنيا ۾ پيٽرول سستو ۽ پاڪستان ۾ مهانگو ٿي رهيو آهي، نيب قانون ۾ پنهنجي ذات لاءِ ترميمون ڪيون ويون.
شيخ رشيد چيو ته جنهن ڏينهن فرد جرم لاڳو ڪرڻي هئي،ان ڏينهن شهباز شريف وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو.
هن چيو ته نيويارڪ ويندڙن هزارين ڊالر روزانو جي ڪمري ۾ ترسي ڪري ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد گهري، جيتري شاهه خرچي آمريڪا ۾ ڪئي وئي، ايتري امداد به نه ملي.