مٺي ويجهو مسافر ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر لڳڻ سبب پيءُ ۽ پٽ فوت ۽ بس ڊرائيور سوڌو 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
عمرڪوٽ روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ميرپورخاص واسي علي محمد ۽ سندس پٽ ولي محمد ڪمبوهه فوت ٿي ويا،جڏهن ته ڪوچ ڊرائيور سميت ٽن ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين کي مٺي ۽ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو .
هوڏانهن ٽنڊو غلام علي ڀرسان صابن دستي اسٽاپ وٽ رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب نوجوان چنو ڪولهي حياتي وڃائي ويٺو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.