پاڪستان

September 24, 2022 1:12 pm

بغاوت شق کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله بغاوت بابت فوجداري قانون جي شق 124 اَي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته بغاوت جي حوالي سان شق آئين  ۾ ڏنل بنيادي حقن سان ٽڪراءَ ۾ آهي

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو  هو ته پارليامينٽ  کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، عدالت بغاوت جي ڪيس ۾ پهريان ئي فيصلو ٻڌائي چڪي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي شيرين مزاري چيو هو ته مون 2020 ۾ بغاوت جي قانون جي حمايت نه ڪئي هئي.

وڌيڪ پڙهو: