پاڪستان

September 24, 2022 1:05 pm

ڊائريڪٽر  سيف سٽي اسلام آباد عبدالقدير جو ڦاهو ڏنل لاش سندس گهران هٿ ڪيو ويو

ڊائريڪٽر  سيف سٽي اسلام آباد عبدالقدير جو ڦاهو ڏنل لاش سندس گهران هٿ ڪيو ويو.

پوليس مطابق عبدالقدير اسلام آباد پوليس ۾  19 هين گريڊ جو آفيسر هو.سندس لاش مارگلا  ٽائون ۾ واقع گهر مان هٿ ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته عبدالقدير ڊيپوٽيشن تي اسلام آباد پوليس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر سيف سٽي عبدالقدير جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪليو ويو آهي.

آءِ جي اسلام آباد، ڊي آءِ جي آپريشنز کي ڪيس جي هر پاسي کان شفاف جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: