پاڪستان

September 23, 2022 6:19 pm

سنڌ اندر بدترين غلامي آهي:عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حقيقي آزادي ۽ جهاد اسان جي ايندڙ نسلن کي ڪرڻو پوندو.

شاگرد ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ 80 سيڪڙو عورتن کي سندن حق نه ملي رهيا آهن، سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ حقيقي آزادي ۽ جهاد آهي.

هن چيو ته مديني جي رياست ۾ خليفي به عدالت ۾ پيش ٿيا، سمورن غريب ملڪن ۾ زرداري ۽ نواز شريف جهڙا ماڻهو ملڪ مان پيسا کڻي وڃن ٿا، جڏهن چور ملڪ جي چوٽي تي ويهندا ته ترقي ڪيئن ٿيندي.

عمران خان چيو ته اڄ اسان جي ملڪ تي چورن قبضو ڪري ورتو آهي، هر روز هڪ هڪ ڪري سندن ڏوهه معاف ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو آهي ته باقي ماڻهن کي جيلن مان آزاد ڪرايو.

هن وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو فيصلو ڪندڙ وقت آهي، شهباز شريف هر جاءِ تي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو مجبور آهي، هو پڇڻ نه آيو، شهباز شريف پاڪستان کي هر جاءِ تي ذليل ڪري ٿو.

وڌيڪ پڙهو: