سنڌ

September 23, 2022 6:15 pm

سيوهڻ جي مختلف ڳوٺن ۾ نانگ جي ڏنگڻ سان 97 ڄڻا زخمي

سنڌ جي شهر سيوهڻ جي مختلف ڳوٺن ۾ نانگ جي ڏنگ لڳڻ سبب 97 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر سيوهڻ جي ڳوٺن ۾ نانگ جي ڪِسڻ سبب زخمي ٿيلن جي انگ جي تصديق ڪئي.

ان حوالي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر معين الدين صديقي چيو ته 97 زخمين کي ويڪسين ڏني وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقي دادو ۾ هڪ متاثر خاندان جي ٻارڙي کي نانگ کائي ويو هو.

وڌيڪ پڙهو: