سنڌ

September 23, 2022 5:12 pm

زهريلو پاڻي صالح پٽ جي ريگستاني علائقن ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف درخواست

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سکر ۽ گهوٽڪي جي فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي صالح پٽ جي ريگستاني علائقن ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، يونائيٽيد انرجي پاڪستان به ڌرين کي خط لکي خبردار ڪيو آهي ته پاڻي ڇوڙ نه روڪيو ويو ته مياڻو صالح پٽ گئس فيلڊ  ٻڏي ويندو ۽ سموري ملڪ کي گيس جي فراهمي بند ٿي ويندي.

سکر ۽ گھوٽڪي ضلعن جي فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي صالح پٽ جي ريگستاني علائقي ۾ ڇوڙٿيڻ لڳو آهي، فيڪٽري انتظاميا بنا ڪنهن اجازت جي  ڳجهھ ڳوھ ۾ واھ کوٽائي پاڻي ڇوڙ ڪري رهي آهي.

يو اي پي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوٽ ڌرين کي خط لکي چيو آهي ته فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب انساني زندگين ۽ جھنگلي جيوت  لاءِ  خطرو پيدا ٿي ويو آهي ، جڏهن ته مياڻو صالح پٽ گئس فيلڊ ۾ پاڻي اچڻ جو خدشو به آهي.

يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان خط ۾ سڄي ملڪ ۾ گئس  بند ٿيڻ جي امڪاني خطري  بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

خط ۾ وڏيڪ چيو ويو آهي ته اسان توهان جو ڌيان هڪ امڪاني خطري ڏانهن ڇڪائڻ چاهيون ٿا،  صالح پٽ ۾ هٿ وٺي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان مياڻو گئس فيلڊ ٻڏڻ جو خطرو آهي، سکر انتظاميا کي زهريلو ۽ ٻوڏ جو پاڻي صالح پٽ ڇوڙ نه ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي.

هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ  فيڪٽرين جو پاڻي صالح پٽ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي

وڌيڪ پڙهو: