سنڌ

September 23, 2022 5:05 pm

جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

گهوٽڪي جي  ماڊل ڪورٽ  ٻن ڄڻن جي قتل جو   ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد جوابدار عدالتي احاطي مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن دوران فريادي ڌر جي ماڻهن جوابدارن کي سوگجهو ڪري ورتو، جنهن تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس جوابدارن کي گرفتار  ڪري جهيڙي تي ضابطو آڻي ورتو.

ماڊل ڪورٽ مقتول منظور احمد سنگهڙ جي ڪيس ۾ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد جج فيصلو ٻڌائيندي جوابدار  قادربخش،شڪيل،الهڏوايو،خالد، محمد ايوب، حميد عبدالمجيد،علي نواز شبير احمد سنگهڙ کي عمر قيد جي سزا ۽ ٽي ٽي لک روپيه ڏنڊ جي سزا ۽ جميل سنگهڙ جي قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي عدالت هرهڪ اميربخش،محمد قاسم،عبدالڪريم،نعيم،گلبهار،صدام ۽ فياض کي عمر قيد ۽ ٽي ٽي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي .

عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد هڪ ڌر جا جوابدار عدالتي احاطي مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن دوران ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو  پر پوليس پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

وڌيڪ پڙهو: