پاڪستان

September 23, 2022 4:13 pm

شهباز شريف پاڪستان کي هر هنڌ ذليل ڪري رهيو آهي: عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته شهباز شريف هر جاءِ تي وڃي ٿو چوي ته مان مجبور آهيان، مان پڇڻ نه آيو آهيان، شهباز شريف پاڪستان کي هر هنڌ رسوا ڪري ٿو.

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان شاگردن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته حقيقي آزادي لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو، اوهان پنهنجي نسلن لاءِ اهو جهاد ڪندا.

هنن چيو ته اڄ 80 سيڪڙو عورتن کي حق نه ملي رهيا آهن، سنڌ بدترين غلامي جو شڪار آهي، اولهه ۾ جانورن سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ وارن کي جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو.

عمران خان چيو ته مديني جي رياست ۾ خليفي عدالت ۾ پيش ٿيندا هئا، ملڪ جي چوٽيءَ تي چور ويٺا هوندا ته ترقي ڪيئن ٿيندي؟

هن وڌيڪ چيو ته زرداري ۽ نواز شريف جهڙا ماڻهو غريب ملڪ جو پئسو ٻاهر کڻي ويندا آهن، اڄ چور ملڪ تي قبضو ڪري ويا آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين جو اهو به چوڻ هو ته سندن ڏوهن کي روز بار بار معافي ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن ائين ڪرڻو آهي ته باقي ماڻهن کي جيلن مان آزاد ڪيو، اڄ پاڪستان جي تاريخ جو فيصلو ڪندڙ وقت آهي.

وڌيڪ پڙهو: