ڪوٽڙي ۾ پوليس ٻوڏ متاثرن لاءِ آندل راشن سان ڀريل 2 ٽرڪون هٿ ڪري ورتيون، 3 جوابدارن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب بابا رائس ملز تي ڇاپو هڻي ٻوڏ متاثرن جو سامان وڪڻندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ، ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل چانورن سان ڀريل 600 ٿيلها وڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.