چين ۾ زلزلي سبب گم ٿي ويل شخص 17 ڏينهن کانپوءِ جبلن مان محفوظ ٻاهر نڪري آيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صوبي سچوان ۾ لڳ ڀڳ ٽي هفتا اڳ 5 سيپٽمبر تي 6.6 شدت جو زلزلو آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 93 ڄڻا فوت ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب گان يو نالي هڪ چيني شهري زلزلي وقت هائيڊرو پاور پلانٽ تي ڊيوٽي تي هو ۽ زلزلي سبب عمارت ۾ ڦاٿل ٻين ماڻهن جي مدد لاءِ روانو ٿيو.
پوءِ جڏهن هن جي ٻاهر وڃڻ جو بار آيو ته هن جو چشمو ڪري پيو ۽ هو ڏسي نه سگهڻ سبب ٻاهر نڪري نه سگهيو.
هو 17 ڏينهن بعد اربع تي مقامي ڳوٺاڻن پاران جبلن ۾ زخمي حالت ۾ مليو هو.