سنڌ

September 23, 2022 3:26 pm

آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين اوليت آهي ته جيئن ايندڙ فصل پوکي سگهجي، 40 لک 70 هزار 614 ايڪڙ پوکي لائق ايراضي مان 37 لک 73 هزار، 707 ايڪڙن تي بيٺل فصل  ٻوڏ ۾ تباهه ٿيا.

جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس  چار هزار رپيا 40 ڪلوگرام مقرر ڪئي.

هن چيو ته زرعي قرض جي وصولي کي ملتوي ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،سنڌ حڪومت نقصان جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙيون آهن،ايندڙ سومر کان سروي جي شروعات ڪبي.

صوبائي وزير چيو ته متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال کانپوءِ  ريليف ڪيمپن مان متاثر پنهنجن گهرن ڏانهن موٽڻ شروع ڪيو آهي.

هن چيو ته ٻوڏ ۾ وڌيڪ چار قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، فوتين جو مجموعي تعداد 728 ٿي ويو، 8 هزار 422 ماڻهو زخمي ٿي.

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٻن بيراجن ۾ پاڻي هڪ لک ڪيوسڪ کان گهٽ ٿي ويو آهي.

هن چيو ته گڊو بيراج وٽ پاڻي جي آمد 87 هزار 300 ۽ هيٺيون وهڪرو 76 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو.

شرجيل ميمڻ چيو ته سکر بيراج وٽ پاڻي جي آمد ٻه لک ٽي هزار ۽ هيٺيون وهڪرو هڪ لک 99 هزار 300 ڪيوسڪ آهي.

وڌيڪ پڙهو: