پاڪستان

September 23, 2022 3:23 pm

پي ڊي ايم جي حڪومت گهربل نتيجا نه ڏئي سگهي:شيخ رشيد

اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جي حڪومت گهربل نتيجا نه ڏئي سگهي، ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان جو عدالت ۾ معافي وارو بيان سٺو سنوڻ آهي،عمران خان جون ڪوششون رنگ لائينديون، ملڪ ۾ جلد اليڪشن ٿيندي.

هن سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ جي مدي ۾ واڌ جو دلچسپ بيان ڏنو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته نواز شريف سميت ڪنهن کي به ڇو نه آڻين، هنن جي راند ختم ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران آهي، شهباز شريف نيويارڪ ۾ سالگرهه ملهائي پيو،حالتن جي حساسيت کي نه سمجهيو ويو ته ماڻهو فيصلا روڊن تي ڪندا.

وڌيڪ پڙهو: