بين الاقوامي

دنيا

September 23, 2022 2:32 pm

حجاب پائڻ کان انڪار ڪرڻ تي آمريڪي صحافي جو انٽرويو رڌ

ايراني ميڊيا آمريڪي خاتون صحافي صدر رئيسي جو انٽرويو منسوخ ڪرڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي.

ايراني نيوز ايجنسي اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي (اِرنا) طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايراني صدر جو آمريڪي ميڊيا سان هڪ انٽرويو ٿيڻو هو پر ميڊيا ايجنسي آخري وقت ۾ پروٽوڪول تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

خابرو اداري موجب صدر ابراهيم رئيسي صحافين کي سمورن پروٽوڪول کان اڳ ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو پر سندس انڪار سبب انٽرويو نه ٿي سگهيو.

ماضي ۾ آمريڪي صحافين ايراني صدرن سان مڪمل پروٽوڪول سان انٽرويو ڪيا آهن.

واضح رهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترسيل هو. ان دوران هن 16 سيپٽمبر تي آمريڪي پروگرام 60 منٽس ۾ شرڪت ڪئي ۽ صحافين کي انٽرويو ڏنو.

وڌيڪ پڙهو: