پاڪستان

September 23, 2022 2:24 pm

فتني ۽ فساد کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پوري تياري ڪئي آهي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فتني ۽ فساد کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پوري تياري ڪئي آهي،

آئين ۽ قانون موجب پر امن احتجاج ڪيو ويو ته ڪا به رنڊڪ نه وجهنداسين،

ريڊ زون يا ڊي چوڪ طرف احتجاج ٿيو ته هنن جو علاج ڪيو ويندو،

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هن وقت 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن،

سموري دنيا تباهي سبب پريشان آهي،وفاقي سرڪار توڙي صوبائي حڪومتن

جو فوڪس ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي آهي،رڳو هڪ بيوقوف شخص چونڊن جو مطالبو ڪري رهيو آهي،

وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان ڀلي لانگ مارچ ڪري، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي بابت ڄاڻ ناهي.

وڌيڪ پڙهو: