اهم خبرون

پاڪستان

September 23, 2022 2:13 pm

نواز شريف لاهور جي احتساب عدالت کان رليف گهري ورتو

نيب ريفرنس ۾ 13 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام لڳايو ويو آهي،

ترميمي ايڪٽ کانپوءِ نيب کي ڪارروائي جو ڪو اختيار ناهي

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاهور جي احتساب عدالت کان رليف گهري ورتو،

نوازشريف پلاٽ الاٽمنٽ ڪيس ۾ کيس اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب ترميمي ايڪٽ تحت نيب کي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ماليت ڪيس ۾ ڪارروائيءَ جو اختيار ناهي، تنهڪري سندس خلاف ڪارروائي ختم ڪئي وڃي، عدالت پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏئي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.

وڌيڪ پڙهو: