سنڌ

September 23, 2022 2:08 pm

سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ وبائي بيمارين متاثرن جو جيئڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو

سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ وبائي بيمارين متاثرن جو جيئڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي،

اڄوڪي ڏينهن ۾ وڌيڪ 4 حياتيون ضايع، واهر نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ متاثر رستن تي اچي ويا،

صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ شهباز ڏنو کورکاڻي ۾ ٻارڙو محافظ کورکاڻي گيسٽرو سبب فوت،

5 ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ به فوت ٿي ويو هو، خانپور جي ڳوٺ خدابخش بروهي ۾ ٻارڙي عائشه بروهي مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو، دادو جي ڪيمپ ۾ ٻوڏ متاثر عورت آسيه لغاري ۽ ڦلجي ۾ ٻارڙي صدوري پنهور حياتيون وڃائي ويٺي، واهر نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻو، سانگهڙ،

ٽنڊوالهيار ۽ قمبر ۾ احتجاجي مظاهرا، لعلو رائنڪ ۾ بُک هڙتالي ڪيمپ قائم،

رتوديرو، ميهڙ، سجاول جوڻيجو، ڊکڻ ، جهڏو، پڊعيدن ۽ گولاڙچي ۾ به احتجاج،

ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته هو ٻن مهينن کان بي يارو مددگار آهن،

راشن لاءِ به کين در در ڌڪا کائڻا پون ٿا.

وڌيڪ پڙهو: