پاڪستان

September 23, 2022 1:59 pm

پاڪستان جي فوري مدد نه ڪئي ته ڪو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو:وزيراعظم

ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيندڙ پاڪستان عالمي برادري کي قرضن ۾ رليف ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي،

وزيراعظم شهباز شريف خبردار ڪندي چيو ته عالمي برادري پاڪستان جي فوري مدد نه ڪئي ته ڪو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو، ٻوڏ سبب پاڪستان جو هڪ حصو ٻڏي چڪو آهي،

15 سئو ماڻهو فوت، ڪروڙين ماڻهو متاثر، لکين بي گهر ۽ 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي،

پرڏيهي ميڊيا کي انٽرو ويندي وزيراعظم چيو ايندڙ ٻن مهينن اندر پاڪستان کي قرض ادا ڪرڻو آهي،

ان ۾ خاطر خواهه رليف ڏنو وڃي، عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي

پر اها ڪافي نه آهي، وزيراعظم اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي به

خطاب ڪري ٻوڏ صورتحال بابت دنيا کي آگاهه ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: