بين الاقوامي

دنيا

September 23, 2022 1:30 pm

ٽوئيٽر هزارين هندستانين جا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

ڀارت روايتي حڪمت عملين کان پاسو نه ڪيو. جنهن سبب 24 آگسٽ تي ٽوئيٽر کي هزارين ڀارتي اڪائونٽس بند ڪرڻا پيا.

آمريڪي يونيورسٽي اسٽينفورڊ ڀارت جي جعلي ٽوئيٽر اڪائونٽس کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي يونيورسٽي جي ريسرچ موجب دهلي ۾ کليل اڪائونٽ آپريٽرز ڪشميرين کي ظاهر ڪري ٽوئٽ ڪندا هئا، جنهن ذريعي پاڪستان ۽ چين تي حملا ڪيا ويندا هئا.

تحقيق موجب ٽوئيٽس ذريعي والاريل ڪشمير ۾ امن جون ڪوڙيون دعوائون به ڪيون ويون.

اسٽينفورڊ يونيورسٽي کان علاوه آسٽريليا جي هڪ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ اهڙيون حقيقتون سامهون آيون آهن.

وڌيڪ پڙهو: