پاڪستان

September 23, 2022 1:27 pm

چيف جسٽس اطهر من الله سڀاڻي اڊيالا جيل جو دورو ڪندو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڊيالا جيل جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله سڀاڻي اڊيالا جيل جو دورو ڪندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڊيالا جيل ۾ قيدي تي تشدد خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جيل جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته انساني حقن واري وزارت کي غير معمولي اختيار حاصل آهن.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته انساني حقن واري وزارت رڳو اسلام آباد نه پر صوبن کان به رپورٽ طلب ڪري سگهي ٿي.

چيف جسٽس انساني حقن واري سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڀاڻي توهان مون سان گڏ اڊيالا جيل ويندا.

وڌيڪ پڙهو: