انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي قومي ٽيم جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
انگلينڊ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏيڻ واري پهرين ٽيم بڻجي وئي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم لڳاتار 7 ميچون کٽي ورتيون هيون پر انگلينڊ شڪست ڏئي پنهنجي ڪاميابي تي بريڪ لڳائي ڇڏي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي.
پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.