پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ اڄ شام نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، انگلينڊ کي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.
انگلينڊ 7 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ کٽي ورتي، گرين شرٽس جا بالر 159 رنسن جو هدف بچائڻ ۾ ناڪام رهيا.
بالر ايلڪس هيلز ۽ هيري بروڪس جي سامهون بيوس نظر آيا.
ٻئين ٽي ٽوئنٽي کان اڳ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن مشق لاءِ آرام کي ترجيح ڏني، رانديگرن ورچوئل گولف ۽ ٽينس کيڏندي وقت گذاريو.
قومي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته هو ورلڊ ڪپ کان اڳ مختلف ڪمبينيشن آزمائڻ چاهين ٿا، ان ڪري ٻي ٽي ٽوئنٽي لاءِ ٽيم ۾ هڪ يا ٻه تبديليون ٿي سگهن ٿيون پر حتمي فيصلو ميچ کان اڳ ڪيو ويندو.