پاڪستان

September 22, 2022 4:28 pm

پي ٽي آءِ لانگ مارچ: گهرو وزير صوبن کان پوليس فورس طلب ڪري ورتي

اسلام آباد: گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ جي ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جهڙي شخص سان ڳالهائڻ ممڪن ناهي، خان صاحب کي تياري ڪرڻي آهي پر اسان مڪمل تيار آهيون.

وفاقي گهرو وزير چيو ته ريڊ زون کي احتياطي طور سيل ڪيو ويو هو، اڄ ريڊ زون کوليو پيو وڃي پر خان صاحب جڏهن اچڻ جو ارادو ڏيکاريندو ته ريڊ زون کي ٻيهر سيل ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت سوال تي راناثنا الله چيو ته مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪرڻ لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا ويندا ۽ ڊرون جي استعمال تي به غور ڪيو ويندو.

گهرو وزير وڌيڪ چيو ته صوبن کان پوليس فورس طلب ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن صوبا پوليس فورس موڪلڻ کان انڪار ڪندا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: